ديوان مجروح

ديوان مجروح (ڪتاب): ديوان مجروح، لاڙڪاڻي جي مشهور شخصيت شيخ لعلچند عرف لعل محمد ’مجروح‘ جي سنڌي غزلن جو مجموعو آهي. هن جا وڏا اصل سبيءَ جا رهندڙ هئا، جن مان ڪيترائي مسلمان ٿيا، جن ۾ لعلچند جا والدين پڻ هئا. لعلچند جيتوڻيڪ مسلمان هو ۽ سندس مسلماني نالو لعل محمد هو. پر هو پاڻ کي لعلچند ئي سڏائيندو هو. هي صوفي فقير، ميان سخي قبول محمد فاروقي درازيءَ جو مريد هو. هن جي دوستي ميان علي محمد قادري ۽ ميان غلام سرور فقير سان نهايت گهري هئي، انهيءَ ڪري هو بزم مشاعره لاڙڪاڻي جو 1915ع کان ميمبر به رهيو. سندس ديوان ۾ تقريباً ٽي چار سئو غزل آهن جيڪي رديفن مطابق الف- ب وار ترتيب سان رکيل آهن. سندس غزلن تي فارسي ٻوليءَ جو گهرو اثر آهي، ان هوندي به سندس غزل لطافت ۽ رنگينيءَ سان ڀريل آهن. سندس ديوان اڃا تائين شايع نه ٿيو آهي. بقول اياز حسين قادريءَ جي ته ’ديوان مجروح‘ جو قلمي نسخو غلام نبي شيخ وٽ محفوظ هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو